اکر اکر سرهاڻ - ڪتاب

اکر اکر سرهاڻ - ڪتاب

اکر اکر سرهاڻ

اکر اکر سرهاڻ (ڪتاب ): هي ٻاراڻي شاعريءَ جو ڪتاب ذوالفقار سيال جو ڇپيل آهي، جيڪو جولاءِ 2002ع ۾ ڪنول پبليڪيشن، قنبر، ڇپائي پڌرو ڪيو. هن 63 صفحن تي ٻڌل ڪتاب جي قيمت 15 روپيا آهي. جنهن جو ٽائٽل چترڪار قيوم منگيءَ ٺاهيو آهي ۽ ڪتاب جو پيش لفظ سعيد سومري لکيو آهي. هي ڪتاب ڊاڪٽر ذوالفقار سيال پنهنجن پٽن، فهد جبران، دانيال عاليشان، سعد سلطان، ۽ ڌيئرن ڪائناتِ شفق ۽ دُعا رابيل جي نالي ڪيو آهي. ڪتاب جو مهاڳ شمشير الحيدري لکيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو